تذڪره هفت اقليم

تذڪره هفت اقليم: تذڪره هفت اقليم جو مولف امين احمد رازي، ري شهر ۾ پيدا ٿيو، هن جو پيءُ خواجه مرزا احمد ايران جي بادشاهه طهما سپ جو مصاحب هو ۽ گهڻي وقت کان ري شهر ۾ آباد هو ۽ امين رازي جو چاچو خواجه محمد شريف رازي (984هه/1576ع) خراسان، يزد ۽ اصفهان جي حاڪمن جو ترتيبوار وزير رهيو، خواجه محمد شريف جو پٽ اعتماد الدوله غياث بيگ، اڪبر بادشاهه جي دور ۾ وڏي عهدي تي فائز هو ۽ جهانگير بادشاهه جو وزير ۽ سهرو پڻ هو. جهانگير جي زال نورجهان بيگم غياث بيگ جي ڌيءَ ۽ امين رازي جي ڀائيٽي هئي. امين رازي ۽ غياث بيگ پاڻ ۾ سڳا سئوٽ هئا. تذڪره هفت اقليم لکڻ وقت امين رازي هندستان ۾ رهائش پذير هو. هي تذڪرو 1002هه/1593ع ۾ مڪمل ٿيو، پر پروفيسر برائون هن جو سن 1028هه/ 1618ع ڄاڻايو آهي، جيڪو غلط آهي. امين احمد رازي هن تذڪري کي ستن حصن ۾ ورهائي ڪتاب جو نالو ”هفت اقليم“ رکيو ۽ ستن ئي حصن ۾ مختلف ملڪن ۽ شهرن جي عظيم عالمن، شاعرن، فاضلن ۽ حڪمرانن جو احوال ۽ شاعري جو نمونو ڏنو آهي، جن ۾ سنڌ کان سواءِ سنڌ جي ڪافي عالمن ۽ شاعرن جو احوال موجود آهي. هن تذڪري جا قلمي نسخا سڄي دنيا جي وڏين لائبريرين ۾ موجود آهن ۽ سنڌ ۾ ٽالپر حاڪمن جي ڪتب خاني ۾ پڻ هن تذڪري جو قلمي نسخو موجود آهي. هن تذڪري ۾ هڪ هزار پنج سئو سٺ شاعرن جو ذڪر موجود آهي، پر انڊيا آفيس لائبريري واري قلمي نسخي ۾ هڪ هزار پنج سئو ويهه شاعرن جو ذڪر موجود آهي. هي ناياب تذڪرو ٽن جلدن ۾ (پهريون 1918ع، ٻيو 1927ع ۽ ٽيون 1939ع) ڪلڪتي مان شايع ٿيو ۽ هاڻي ويجهڙائي ۾ ايران مان پڻ ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو آهي.


لفظ تذڪره هفت اقليمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو